اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ڪيترائي علائقا اڃان به پاڻي هيٺ آهن، نئين سر ??عمير جي پنهنجي حڪمت عملي دنيا آڏو رکنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پرڏيهي وزير چيو ته هن دادو جو دورو ڪيو، تباهي آڻيندڙ ??وم??سي جي برساتن جي 5 مهينن کانپوءِ به ڪيترائي علائقا اڃان به پاڻي هيٺ آهن. هن چيو ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ رڳو 0.8 سيڪڙو حصو و??هي ٿو جڏهن ته اسان موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ 8 هين نمبر تي آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته 9 جنوري تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ اسان دنيا آڏو نئين سر ??عمير جي حڪمت عملي رکنداسين.