ڊيره اسماعيل خان – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان سميت ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جو پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ڊيره اسماعيل خان جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. دوري دوران وزيراعظم چشما رائٽ بينڪ ڪينال جي بحالي، چشما رائيٽ بينڪ ڪينال لفٽ گهٽ گريوٽي ۽ چشما هائيڊل پاور پراجيڪٽ، ٽانڪ زام ڊيم، سي پيڪ جي اولهندي روٽ / موٽروي يارڪ – سگو سيڪشن ۽ گومل يونيورسٽي پهاڙپور ڪئمپس جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم عبدالخيل 132 ڪ?? وي ۽ بند ڪورائي 132 ڪ?? وي گرڊ اسٽيشنز، پيزو کان ٽانڪ روڊ ۽ ڊيره اسماعيل خان باءِ پاس جي بحالي، تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيل رستن جي بحالي ??ي ڪم جو پڻ افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، ??واصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، قومي اسيمبلي ??ي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سميت اعليٰ سرڪاري آفيسرن ۽ علائقي جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.