اسلام آباد ??? 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان افغان عملدارن تي زور ڏنو آهي ته اهي افغانستان ۾ شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم ج?? معطلي جي فيصلي تي نظرثاني ڪن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي افغانستان جي شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم ج?? معطلي بابت ڄاڻي مايوسي ٿي آهي. ترجمان چيو ته ان معاملي تي پاڪستان جو موقف واضح آهي ۽ اسان جو پڪو يق??ن آهي ته هر مرد ۽ عورت کي اس??ام ج?? حڪمن موجب تعليم حاصل ڪرڻ جو فط??ي حق حاصل آهي. بيان ۾ افغان عملدارن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي ان فيصلي تي نظرثاني ڪن.