اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۽ تعليمي ??دارن کي سماجي علم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب نصاب تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگردن کي سماجي علم ۽ مارڪيٽ جي گهرج موجب هنر سيکاريا وڃن. اڪيڊمي ڌرين جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بهترين عالمي ??ريقن کي اختيار ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڪيڊمي ??دبيات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ ۽ بورڊ آف گورنرز جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. صدر معاشري ۾ فن ۽ ادب جي فروغ لاءِ اڪيڊمي ??دبيات جي ڪردار کي ساراهيو. هن اڪيڊمي ??دبيات جي خدمتن ۽ مصنوعات جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ ٺوس ۽ موثر مارڪيٽنگ حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن اڪيڊميات جي ادبي مصنوعات ۽ خدمتن کي ويب سائيٽ ۽ سيل فون ايپليڪيشن ذريعي ڦهلائڻ ۾ مدد ڏئي ??گه??ي ٿي. صدر پاڪستان جي مختلف علائقائي ز??انن جي تحفظ جي لاءِ اڪيڊمي ??ي ڪوششن کي ساراهيو، جيڪي نظرانداز ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر زبان مخصوص علم، حڪمت ۽ ورثي جو ذخيرو آهي، زبانن کي موجوده ۽ ايندڙ نسلن سان گڏوگڏ معاشري جي بهتري لاءِ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اڪيڊمي لاڳاپيل ڌرين جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بهترين عالمي ??ريقن کي اختيار ڪري. هن اڪيڊمي کي هدايت ڪئي ته اها پنهنجي اهم هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بجيٽ جو دانشمنداڻي طريقي سان استعمال کي يقيني بڻائي. اڪيڊمي ??دبيات جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ اجلاس کي ٻڌ??يو ته اڪيدمي مقامي ??ديبن ۽ شاعرن ۽ مرحوم اديبن جي سوڳوار ۽ مالي مشڪلاتن جو شڪار خاندانن کي ماهوار اعزازيو ادا ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ان اسڪيم سان هڪ هزار خاندان (غيرمصفين/ فوت ٿيندڙ ليکڪ جا سوڳوار خاندان) فائدو کڻي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌ??يو ته اڪيڊمي ??يسرچ اسڪالرز، شاعرن، اديبن ۽ ادب جي شاگردن کي ضروري حوالاجاتي مواد فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ لائبريري به قائم ڪئي آهي ۽ اڪيڊمي ??ي لائبريري م 30 هزار کان وڌيڪ ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. اڪيڊمي هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو پاڪستاني ز??انن، ادب جي فروغ ۽ ملڪ ۾ ليکڪ برادري جي ڀلائي لاءِ سمورن حڪومتي نظامن کي نظم ۽ ضبط ۾ رکي ٿو. ان کانسواءِ اردو، انگريزي ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين ۾ ادبي رسالا تيار ڪري ٿو ۽ مختلف ادبي ايوارڊن جي لاءِ نالن جي سفارش ڪري ٿو.