استنبول – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ايراني فلمساز پاڪستان پاران فلم انڊسٽري ??ي لاءِ ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اها ڳالهه هن او آءِ سي اطلا??ات وارن وزيرن جي ڪانفرنس جي 12 هين اجلاس جي موقعي تي ثق??فت واري ايراني وزير محمد مهدي اسماعيل سان ملاقات دوران ڪندي چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثق??فتي ۽ عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي سان ثق??فتي ۽ مذهبي رشتن ۾ ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران سان فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته ايراني فلم فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري، ثق??فت ۽ سياحت جي شعبي تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي. غيرملڪي فلمسازن کي مقامي سطح تي فلم ۽ ڊرامن جي گڏيل منصوبن ۾ سهولت ڏني پئي وڃي. ايران جا فلمساز به پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري ??ي لاءِ حڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اطلا??ات ۽ ثق??فت جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي اتفاق ٿيو. اطلا??ات واري وفاقي وزير پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستاني قوم سان يڪجهتي ۽ حمايت تي ايران جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ايراني ثق??فت واري وزير پاڪستان سان اطلا??ات ۽ فن ۽ ثق??فت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ اطلا??ات واري وفاقي وزير کي ايران ۾ ٿيندڙ فلم فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.