اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحافي ارشد شريف ??ي اوچتي وڇوڙي تي دلي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ک??س ارشد شريف جي وڇوڙي تي ڏک آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعالي مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ ان جي گهر وارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.