گڏيل قومون-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قوم?? جي ٻارن بابت فنڊ ڏيندڙ اداري يونيسيف تي زور ڀريو آهي ته هو ٻوڏ سبب متاثر علائق?? جي ٻار?? جي تعليم لاءِ عارضي ماڳن تي ٻيهر اسڪول کولڻ ۽ـ انهن کي اپ گريڊيشن ۾ مدد ڏي، جڏهن ته اداري جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستا?? جي 8 ڪروڙ ٻار?? جي بهتريءَ لاءِ 4 ساله ڪنٽري پروگرام تحت 900 ملين ڊالر?? جي منظوري ڏني آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستا?? جي مستقل نمائندي منير اڪرم بورڊ ميٽنگ دوران ٻُڌايو ته خوراڪ، علاج ۽ پاڻيءَ سبب پيدا ٿيل بيمارين کان بچاءُ، ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا لڳائڻ ۽ کين غذائيت فراهم ڪرڻ لاءِ امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي ٻوڏ جي تباهي موسمياتي تبديلين جو مظهر آهي، جنهن سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن مان لکين ٻارن کي پاڻي ۽ صفائيءَ سان گڏ تعليم، صحت جي سهولتن، خوراڪ ۽ پناهگاه?? جي فوري ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته يونيسيف پاڪستان حڪومت سان ملي ڪري نه صرف هنگامي سامان فراهم ڪندو بلڪ لکين ٻار?? جي بحاليءَ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان کي ٻارن سميت ترقيءَ جي بنيادي ضرورت?? جي فراهميءَ ۾ چئلينجن جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪورونا وائرس جي وبا موسمياتي تبديلين جا خطرا، ٻوڏ، کاڌي ۽ توانائيءَ جي وڌندڙ قيمت?? ۽ ??يڪيورٽي چئلينجز خاص طور تي پٺتي پيل علائق?? جي ٻار?? جي غذائيت، صحت، تعليم ۽ ٻين ضرورت?? جي هدف?? جي حاصلات ۾ ڏُکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پاڪستا?? جي مستقل نمائندي چيو ته نَون اسڪولن کولڻ، موجوده اسڪول?? جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۽ اِي لرننگ لاءِ ڊجيٽل پليٽ فارم تيار ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي ته جيئن تعليم کان محروم تقريبن 2 ڪروڙ ٻارن کي اسڪول وڃڻ جي قابل بڻائي سگهجي. ان حوالي سان هن چيو ته يونيسيف کي حڪومت سان ملي ڪري ٻار?? جي بهتر پرگهور لاءِ انه?? جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ گهرجي. منير اڪرم چيو ته پاڪستان ٻارن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي لاءِ يونيسيف س??ن تعاون ڪندو ته جيئن هو سلامتي ۽ وقار سان زندگي گذاري سگهن.