اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف اسٽيشنز تي 118 ايڊيشنل اٽارني جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ اسسٽنٽ ??ٽارني جنرل کي خدمتن تان هٽائڻ ۽ مختلف اسٽيشنز تي 128 وڪيلن جي بطور ايڊيشنل اٽارني جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ اسسٽنٽ ??ٽارني جنرل جي مقرري جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چوڌري عامر رحمان جي ايڊيشنل اٽارني جنرل چار، اسلام آباد مان ايڊيشنل اٽارني جنرل هڪ، اسلام آباد ٽرانسفر جي پڻ منظوري ڏني. مرزا نصر احمد جي ايڊيشنل اٽارني جنرل هڪ، ل??هو?? مان ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻه، ل??هو?? ٽرانسفر جي پڻ منظوري ڏني. وزير ولايت علي جو بطور ڊپٽي اٽارني جنرل، گلگت بلتستان مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ واپس وٺڻ جي منظوري ڏني. صدر خدمتن تان هٽائڻ جي منظوري سينٽرل لاء آفيسرز آرڊيننس 1970ع تحت ڏني. عهدو ڇڏيند?? ۽ ??قررين جي منظوري قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سمري تي ڏني وئي.