ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سُهيل راجپوت ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان چيو آهي ته ڏاڍ ۽ سختين سان ڪشميري ڀائرن جو رستو نه ٿو روڪي سگهجي، ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي فوري بحال ڪري، مودي سرڪا?? پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن ??ي پائمالي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته مودي سرڪار جي قدمن ۽ پاليسين سان خطي ۾ امن کي سخت خطرا آ??ن، انساني حقن ??ون عالمي تنظيمون ۽ گڏيل قومون ان جو نوٽيس وٺن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي لاءِ خصوصي پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن.