گلگت – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي گلگت بلتستا?? جي صوبائي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير تي ڀار??ي غيرقانوني قدمن جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چ??و آهي ته اسان ڪشميري?? جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ هر قسم ج?? حربا ۽ ظلم ۽ جارحيت آڏو ڪشميرين بي شمار قربانيون ڏنيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن تي گڏيل قوم?? جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي حڪومت پاران غيرقانوني قدمن جو مقصد ??الاريل واديءَ ۾ غيررياستي رهواسين کي آباد ڪري ڪشميري?? جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ آهي جيڪو مذمت جوڳو آهي ڪشمير تڪرار جو حل گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري?? جي خواهشن موجب منصفاڻو حل ڪڍڻو پوندو.