پشاور – 01 – آگسٽ (اي پي پي) سفارتي ۽ انساني حقن جي ماهرن پوري خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪشمير جي ??والي سان گڏيل قومن کان پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته فاشسٽ مودي حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت سان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??يرقانوني الحاق پوري ڏکڻ ايشيا جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عورتن ۽ ٻارن کي جنسي حملن جو نشانو بڻايو ويو جتي ڪشميرين کي آزاداڻي چرپر، مواصلات ۽ آزادين سميت سمورن حقن کان محروم رکيو ويو آهي. پاڪستان جي ??ڳوڻي سفير منظورالحق اي پي پي کي ٻڌايو ته ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو غيرقانوني الحاق گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن سان گڏوگڏ عا??مي قانونن جي پڻ واضح خلاف ورزي آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي فاشسٽ مودي حڪومت پاران ڪيل اهڙي قسم جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم والاريل واديءَ جي ??ڪراري حيثيت کي نه ٿي بدلائي سگهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير هڪ عا??مي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو هو ۽ ان جو غيرقانوني الحاق يو اين جي قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي، ڀارتي حڪومت جي 5 آگسٽ جي ??يقانوني قدم پوري ڏکڻ ايشيا جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي ۽ ٻن ائٽمي هٿيارن سان ليس پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ڪشمير تي هڪ ٻي جنگ پوري خطي جي لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿيندي، ڀارتي حڪومت پاران آرٽيڪل 370 کي ملتوي ڪرڻ آبادي جي ڍانچي سان گڏوگڏ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??يثيت کي تبديل ڪرڻ جي ??رابر هو ۽ پاڪستان اهڙي قسم جي ??يرقانوني قدمن تي خاموش نه ٿو رهي سگهي. هن چيو ته انهن غيرقانوني ڪاررواين نام نهاد سيڪيولر رياست جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڀارت ۾ اقليتن جي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي جتي مسلمانن ۽ ڪشميرين کي انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين، عدالت کان مٿانهين قتل ۽ رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ڀارت?? آئين مان آرٽيڪل 370 جي ??اتمي مظلوم ڪشميرين جي ??لاف ڀارت جي ڪڌي ارادن ۽ مودي حڪومت جي ??ياستي دهشتگردي جي ??ريعي اقليتن کي محڪوم بڻائڻ جي ??وسيع پسنداڻي پاليسين کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.