اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان ??وس?? آفيس جي درخواست رد ڪندي سروس رهتن م??ن ضابطي جي خلاف ڪ??يل 5 ??ک رپين جي پينشن جي رقم رٽائرڊ ملازم کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪستان ??وس?? آفيس کي سروس رهتن م??ن ضابطي جي خلاف ڪاٽيل 5 ??ک رپين کان وڌيڪ جي پينشن جي رقم مارچ 2020ع تي رٽائرڊ ٿيندڙ ملازم کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان کي اداري پاران بي ضابطي قرار ڏنو آهي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پاڪستان ??وس?? آفيس جي درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن ۾ وفاقي محتسب پاڪستان ??وس?? کي شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ڪاٽيل پينشن بقايا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پينشنر جي محنت سان ڪمايل آمدني آئين جي آرٽيڪل 9 تحت ان جو بنيادي حق آهي، قانون کان مٿانهون پينشنر کي رقم جي هڪ حصي کان به محروم نه ٿو رکي سگهجي، پينشن ايڪٽ 1871ع تحت پينشن کي ضبط يا قرق نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ??وس?? شڪايت ڪندڙ جي پينشن رهتن م??ن 5 لک 2 هزار 272 رپين جي رقم بنا جواز وصول ڪئي. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان ??وس?? آفيس جي سروس رهتن م??ن غيرمنصفاڻي طور تي 5 لک 2 هزار 272 رپين جي ڪٽوتي ڪئي آهي. وفاقي محتسب اپريل 2021ع ۾ ڏنل فيصلي ۾ پاڪستان ??وس?? کي شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. پاڪستان ??وس?? فيصلي تي عملدرآمد بدران صدر وٽ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو، حڪم جي 30 ڏينهن منافعي جي شرح سان رقم واپس ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.