اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي پنهنجي آسٽريليا جي هم منصب اليگزينڊر شلن برگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ??يڪ?? يورپي يونين جو اهم ميمبر آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان آسٽريليا لاڳاپن جي سمورن ر??ن تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪ??ي ته ٻئي ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، قابل تجديد توانائي، سياحت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ وسيع تعاون جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا سان گڏوگڏ پارلياماني رابطن کي وڌائڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.