اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان اڳوڻي صدر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصف علي زر??اري اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موج?? ملاقات ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??اري، دفاع وارو وفاقي وزير خوا??ه آصف ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق به شريڪ ٿيا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته آئين جي بالادستي ۽ جمهوري عمل جو تسلسل ئي ملڪي ترقي جو راز آهي، ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي ڀلائي ۽ تري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم بلاول ڀٽو زر??اري کي وفاقي وزير طور حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته گڏيل تعاون سان جلد ملڪ کي درپيش چئلينجز تي جلد ضابطو آندو ويندو.