اسلام آباد – 07 ̵1; اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجز بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته 3 اپريل 2022ع تي ڏنل ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ آئين جي منافي آهي، ??ومي اسيمبلي ٽوڙڻ به قانون جي خلاف هو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ??رڻ غير آئيني هو، قومي اسيمبلي 3 اپريل 2022ع جي پ??زي??ن تي بحال ڪئي وڃي ٿي، ??گران حڪومت جي قيام لاءِ ڏنل سمورا حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ٻيهر اليڪشن جي حوالي سان صدر جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ??زي??اعظم اسيمبلي تحليل ??رڻ جي اهل نه هو، ??زي??اعظم، صدر کي ايڊوائيز نٿو ڏئي سگهي، ??زي??اعظم ۽ وفاقي ڪابينا عهدن تي بحال ٿي چڪا آهن، اسپيڪر قومي اسيمبلي جو 9 اپريل ڇنڇر تي ساڍا 10 وڳي اجلاس گهرائي، ??زي??اعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي، حڪومت ڪنهن ميمبر جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، ڪنهن به قومي اسيمبلي ميمبر کي ووٽ وجهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، تن??ن هوندي به پارٽي کان باغين تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو. سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس اڪلائيندي قرار ڏنو آهي ته اسپيڪر ڇنڇر تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ته فوري نئين ??زي??اعظم جي چونڊ ڪئي وڃي، ??کت وارو حڪم نامي بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.