??سل??م آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي سهيل محمود چيو آهي ته 48 هين پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو ??جل??س مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ ??سل??مي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي سهيل محمود ??سل??م آباد ۾ رهندڙ او آءِ سي مشنز جي سربراهن سان ملاقات ڪئي ۽ کين 22- 23 مارچ 2022ع تي ??سل??م آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين ??جل??س جي غرض سان جاري تيارين کان آگاهه ڪيو. ڊسمبر 2021ع ۾ او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي ??جل??س کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ ۾ او آءِ سي مشنز جي اهم ڪردار کي ساراهيندي پ??ڏيهي سيڪ??يٽ??ي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون ??جل??س خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ڇو ته اهو پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام ان پُرمسرت موقعي تي معزز مهمانن جي استقبال جي منتظر آهي. پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي چيو ته 48 هين سيشن جو موضوع ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري“ امت جي اندر اتحاد ۽ او آءِ سي ميمبر ملڪن جي لاءِ جامع ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي پ??ڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. افغانستان ۾ انساني صورتحال جي حوالي سان او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي ??جل??س ۾ افغانستان جي لاءِ او آءِ سي جي قيادت هيٺ هيومينٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ، او آءِ سي جي سيڪ??يٽ??ي جنرل جي خصوصي ايلچي جي مقرري ۽ ان آءِ سي مشن کي مضبوط ڪرڻ جي معاهدي تي اتفاق ڪرڻ جي فيصلن کي ياد ڪندي، پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون ??جل??س ان قرارداد جي منظوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جو قيمتي موقعو فراهم ڪندو. انساني همدردي تحت قائم ٽرسٽ فنڊ کي هلائڻ لاءِ ??سل??مي ترقياتي بئنڪ پاران ڪم جي آجيان ڪندي، پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي ميمبر ملڪن ۽ افغانستان جي عالمي حصيدارن پاران ٽرسٽ فنڊ لاءِ ٺوس واعدن تي عملدرآمد جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي مشنز جي سربراهن کي 22 -23 مارچ 2022ع تي منعقد پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل پروگرام تي بريفنگ ۽ انتظامي انتظامن جا تفصيل فراهم ڪيا ويا، پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي چيو ته وفدن جي سمورن سربراهن کي 23 مارچ 2022ع تي روايتي ”يوم پاڪستان“ پريڊ ۾ خصوصي مهمان طور دعوت ڏني ويندي. 48 هين پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو ??جل??س مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ ??سل??مي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو.