اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قيام پاڪستان جي ??اريخي تحريڪ جي مختلف رخن بابت اطلاعات جي مختلف ذريعن سان نوجوان نسل ۾ ٺوس آگاهي پيدا ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو آهي. هو ايوان صدر ۾ 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي ??قريبن جي ??والي سان ”لوگو“ جي نقاب ڪشائي کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي موقعي تي ”لوگو“ جي ??ونمائي ۽ ٻين تيارين تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ سندس وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو. صدر چي?? ته ”لوگو“ پاڪستان جي ??اريخ ۽ گذريل 75 سالن ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين جي ياد تازي ڪندو. هن چي?? ته پاڪستان جي ??وام مشڪل وقت برداشت ڪيو پر هاڻي گذريل ڪجهه سالن ۾ ملڪ مختلف شعبن ۾ وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي. صدر چي?? ته ڀارت پاران مسلمان مخالف پاليسين، نسل ڪشي ۽ ڀارت ۾ ٻين اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ سان ٻه قومي نظريي جي ??وثيق ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چي?? ته ڀارتي ليکڪ خوشونت سنگهه پنهنجي ڪتاب ۾ اقليتن کي نشانو بڻائيندڙ طالماڻي پاليسين جي نتيجي ۾ ڀارت جي ??باهي جي ??ڳڪٿي ڪري چڪو آهي. قائداعظم محمد ??لي جناح ۽ علامه محمد اقبال هندو قيادت جي لڪل ارادن کي جانچي پنهنجون راهون جدا ڪري ڇڏيون هيون، ملڪ جي نوجوان نسل کي آزادي جي ??حريڪ جي مختلف اڻ چي?? واقعن کان آگاهه ڪيو وڃي. هن چي?? ته پاڪستان جمهوري طريقي سان ٺهيو، نئين ٺهيل ملڪ جي ??لاف سازشون ڪيون ويون ۽ هڪ منصوبي تحت گورداسپور جي ??ريعي ڀارت کي ڪشمير تائين پهچ ڏني وئي. هن وڌيڪ چي?? ته پاڪ ۽ هند جي مسلمانن جدا ملڪ قائم ڪرڻ جي ??دوجهد ۾ مصيبتن کي منهن ڏنو ۽ عظيم قرب??ني??ن ڏنيون. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جو حوالو ڏيندي صدر چي?? ته پاڪستان گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي ??منگن موجب ڪشمير جي ??ل جو خواهشمند آهي ۽ ڪشمير مسئلي جي ??ل تائين پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن چي?? ته ملڪ صحيح رستي تي گامزن آهي ۽ عوام کي انهن عملن کان پوري طرح آگاهه ڪرڻ گهرجي ??ه جيئن اهي وڌيڪ اعتماد حاصل ڪري سگهن، پاڪستان جلد ترقي يافته ملڪن جي ??ف ۾ شامل ٿيندو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ٻين وزارتن سان گڏجي ملڪ جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ ٺوس پروگرام جوڙيا آهن. هن چي?? ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير، يورپي يونين جي ملڪن جا پرڏيهي نمائندا ۽ سفير 23 مارچ جي ??قريبن ۾ شرڪت ڪندا. وفاقي وزير چي?? ته ”لوگو“ جاري ڪرڻ پاڪستان جي ??اريخ، اهم واقعن، ڪاميابين ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ مختلف شخصيتن جي نمايان خدمتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ انهن تيارين جو حصو آهي. تقريب ۾ اطلاعات واري وزارت، لاڳاپيل ادارن جي ??فيسرن ۽ ميڊيا جي ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي.