اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستانين کي ووٽنگ جي حقن جي فراهمي، پاور آف اٽارني ۽ جانشيني جا سرٽيفڪيٽس جو آن لائين جاري ڪرڻ جهڙا قدم انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ سهولت لاءِ ڏور رس نتيجن وارا هوندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار روشن ڊجيٽل اڪائونٽس بابت اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو،
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، وزيرا??ظم جي سمنڊ پار پاڪستانين واري صلاحڪار ايوب آفريدي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آ??ن ۽ اسان انهن جي سهولت کي يقيني بڻائڻ لاءِ تاريخ ساز قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستانين کي ووٽنگ جي حقن جي فراهمي، انهن جي پاور آف اٽارني ۽ جانشيني جي سرٽيفڪيٽس جو آن لائن جاري ڪرڻ جهڙا حڪومتي قدمن انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ سهولت جي لاءِ ڏور رس نتيجا وارا هوندا. اجلاس ۾ وزيرا??ظم کي ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستانين ۾ پنهنجي رقم پاڪستان موڪلڻ جي لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽس (آر ڊي اي) جي شاندار ڪاميابي تي تفصيل کان آگاهه ڪيو ويو، وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو مٽاسٽا جو ناڻو آر ڊي اي جي ذريعي ملي چڪو آهي، وزيرا??ظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) کي هدايت ڪئي ته هو ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستانين کي آر ڊي اي جي ذريعي پنهنجي رقم پاڪستان موڪلڻ جي لاءِ آن لائين ريئل ٽائيم بنيادن تي سهولت فراهم ڪري، هن لاڳاپيل عملدارن کي ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستانين کي آر ڊي اي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ موثر مارڪيٽنگ مهم هلائڻ جي به هدايت ڪئي.