اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي دوران چين جي صدر ۽ وزيراعظم سميت مختلف ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ڪتا?? پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي ??ان تيار ڪيل پچ بڪ ۾ شعباجاتي بنيادن تي تفصيل شامل ڪيا ويا آهن، ڪتاب ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حامل شعبن ۽ حڪومت پاران انهن شعبن ۾ فراهم ??يندڙ سه??لت?? جي باري ۾ تفصيل موجود آهن، پاڪستاني وفد جا ميمبر چين جي دوري جي موقعي تي اهو ڪتاب چيني سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي پيش ڪندا. ان ڪتاب جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ ڏيڻ آهي.