برسلز – 08 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان بيلجيم ۽ پاڪستان يورپي يونين حصيداري کي وڌيڪ م??تح??م بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ايس پي پلس بابت گڏيل قومن جي 27 هين ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پُرعزم آهي، افغانستان کي انساني بحران کان ڪڍڻ لاءِ عالمي تعاون تمام گهڻو ??روري آهي، اها ڳالهه هن برسلز ۾ بيلجيم جي پا??لي??مينٽ سان تعلق رکندڙ پا??لي??مينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي پا??لي??مينٽ جي ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان جا بيلجيم ۽ يورپي يونين سان ٻطرفا لاڳاپا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي اڳڀرائي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير پا??لي??مينٽ جي ميمبرن کي يورپي يونين ۽ ان جي سڀني ميمبر ملڪن سان پاڪستان جي خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن جي باري ۾ آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جون 2019ع ۾ اسٽريٽجڪ انگي??مي??ٽ پلان (ايس اي پي) تي صحيحون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ م??تح??م بڻائڻ ۾ مدد ملي. پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اهڙو ميڪنزم ۽ ڊائيلاگ فريم ورڪ موجود آهي جنهن جي ذريعي گڏيل دلچسپي جي سڀني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته سيڙپڪاري واپار، ۽ اقتصادي تعاون، يورپي يونين ۽ بيلجيم سان پاڪستان جا ڊگها لاڳاپا هڪ اهم جز آهن. جي ايس پي پلس گڏيل طور تي اهڙو فائدي وارو قدم رهيو آهي جنهن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل واپار کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي ايس پي پلس بابت گڏيل قومن جي 27 هين ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد لاءِ پُرعزم آهي، هن چيو ته ٻطرفي تعاون جي نون موقعن جي فراهمي ۾ پا??لي??مينٽ جي موثر ڪردار جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير پاڪستان بيلجيم ۽ پاڪستان يورپي يونين حصيداري کي وڌيڪ م??تح??م بڻائڻ جي ضرورتن تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير وفد جي ميمبرن کي 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان مان غير ملڪي ماڻهن، سفارتڪارن، عالمي ادارن جي عملي ۽ ميڊيا جي نمائندن جي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ويجهو پاليسي هجڻ جي ناطي پاڪستان افغانستان ۾ معيشت جي بحالي ۽ ڊگهي امن ۽ ا??تح??ام جو خواهشمند آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ، پناهگيرن جي نئين لهر کي روڪڻ، افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه بڻجڻ کان بچائڻ، ۽ افغان پناهگيرن جي عزت ۽ وقار سان پنهنجي وطن واپسي جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ، عالمي تعاون گهڻو ??روري آهي. پاڪستان عالمي برادري جو ڌيان افغانستان جي پوئتي پيل اقتصادي صورتحال ۽ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ 19 ڊسمبر تي او اءِ سي جي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پرڏيهي وزير يورپي پا??لي??مينٽرينز کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري، انساني حقن جي سنگين پائمالين کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير سان ملاقات لاءِ آيل بيلجيم پا??لي??مينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي يونين جي ميمبرن پاڪستان جي بيلجيم ۽ يورپي يونين سان لاڳاپا وڌائڻ جي عزم ۽ علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ تي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪيو. وفد افغانستان مان غير ملڪي ماڻهن جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ، افغان عوام کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ڏس ۾ پاڪستان جي متحرڪ ۽ مثبت ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ پا??لي??ماني رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.