اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني الميو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌي رهيو آهي، سرد موسم ۾ افغانستا?? جا ماڻهو بدترين انساني بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن، 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وز??رن جي ڪانفرنس ۾ افغانستان جي اندر انساني الميي جي صورتحال تي ڌيان ڏنو ويندو، اسان جي ڪوشش آهي ته سعودي عرب سميت ٻين ڀائر ملڪن سان گڏجي اهڙو ميڪنزم جوڙيو وڃي جنهن سان افغانستان جي ماڻهن جي مدد ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفارتخاني جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان افغانستان جي هر ممڪن مدد ڪري رهيو آهي. اسان ٻه لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ افغانستان کي فراهم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان افغانستان کان درآمد ڪيل 40 شين تي ڊيوٽي ختم ڪئي آهي، ان قدم سان افغانستان جي ڪاروباري ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وز??رن جو اجلاس بنيادي طور تي غير سياسي اجلاس هوندو جنهن ۾ صرف افغانستان جي انساني همدردي جي بنياد تي مدد تي ڌيان ڏنو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته دنيا افغانستان جي مدد لاءِ گڏجي ويهي، افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ”دي اڪانومسٽ“ گذريل مهيني پنهنجي رپورٽ ۾ افغانستان جي اندر انساني الميي جو ذڪر ڪيو جيڪو يمن، شام ۽ عراق کان وڏو ٿي سگهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي افغانستان جي عوام جي مدد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان سياست تي بع?? ۾ به ڳالهه ڪري سگهون ٿا پر افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي تي ڳالهه ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪري سگهون. چوڌري فواد حسين چيو ته وز??راعظم عمران خان سدائين افغانستان ۾ امن جي ڳالهه ڪئي آهي، اسان جي حڪومت افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن ٻڌايو ته او آءِ سي پرڏيهي وز??رن جي ڪانفرنس 1980ع کانپوءِ پاڪستان جو سڀ کان وڏو پرڏيهي معاملن جو ايونٽ هوندو. جنهن۾ 27 ملڪ?? جا پرڏيهي وز??ر شرڪت ڪندا جڏهن ته 84 ملڪن جي نمائندگي هوندي. چوڌري فواد حسين چيو ته سعودي عرب سان اسا?? جا ڀائراڻا لاڳاپا پاڪستان ٺهڻ کان پهري?? جا قائم آهن، جڏهن سعودي عرب جو شاهه عبدالعزيز 1946ع ۾ ڪراچي آيو ته آل انڊيا مسلم ليگ ج?? قيادت سندس استقبال ڪيو جنهن ۾ مرحوم ايم اي ايڇ اصفهاني به شامل هو.