اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته پارليامينٽ جي گ??يل اجلاس ۾ اي وي ايم، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين ??ي ووٽ جي حق سميت ٻيا قانون منظور ٿيا. مملڪتي وز??ر پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته قانونسازي جو هي عمل ٻنهي ايوانن جي حڪومتي ميمبرن ۽ اتحادين پاران وز??راعظم جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته مخالف ڌر آر يا پار ڪندي خوار ٿي وئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته بلاول زرداري گ??يل اجلاس ۾ قانونسازي جي لاءِ 222 ميمبرن جو وٽ وجهڻ ضروري هجڻ جو ڪوڙ ڳالهائي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مملڪتي وز??ر چيو ته گ??يل اجلاس ۾ قانونسازي جي لاءِ آئين جي آرٽيڪل 72 (4) تي پڙهي وٺو. هن چيو ته ان آرٽيڪل موجب گ??يل اجلاس جا سمورا فيصلا ايوان ۾ حاضر ميمبرن جي اڪثريتي ووٽ سان ٿيندا.