دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سي??پڪ??ري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ون ونڊو آپريشنز ذريعي غيرملڪي سي??پڪ??رن جي لاءِ ڪاروباري موقعا فرا??م ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سي??پڪ??ري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته خصوصي ٽيڪنالاجي زون اٿ??رٽي تحت ون ونڊو سهولت جو مقصد غيرملڪي سي??پڪ??رن جي حوصلا افزائي، سهولت فرا??م ڪرڻ آهي، وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ عالمي معيار جي ڊيجيٽل ۽ بنيادي ڍانچي جي فراهمي جي لاءِ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿ??رٽي قائم ڪئي. صدر چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿ??رٽي قائم ڪرن جو مقصد پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي دنيا جي نقشي تي آڻڻ آهي، ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ۽ انساني وسيلن ۾ سي??پڪ??ري سان ملڪ جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته غيرملڪي ڪمپنيون مختلف شعبن خاص طور تي اي بزنس ۾ سي??پڪ??ري ڪن، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ تائين پهچ وڌائڻ سان معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. صدر سان ملاقات ڪندڙن ۾ موبيئس ڪيپيٽل پارٽنرز جو باني مارڪ موبيئس، انٿوني چيونگ، ڊريگن ٽيڪ وينچرز مئنيجمينٽ لميٽيڊ جو باني شامل هو. گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) جي شيخ احمد المڪتوم ۽ وچ اوڀر ۽ اوڀر آفريقا جي ماسٽر ڪارڊ جي ڊويزن صدر خالد الجبيلي پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ ماسٽر ڪارڊ، گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) ۽ شورق پارٽنرز وي سي فنڊز سان گڏ پاڪستان جي خصوصي ٽيڪنالاجي زون اٿ??رٽي جي وچ ۾ ٽن مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿيون. گليڪسي ريسر پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي اي اسپورٽس ٽورنامينٽس جي ميزباني ڪندو، ڊسمبر ۾ ٿيندڙ اي اسپورٽس مقابلن ۾ هڪ لک ڊالر جي انعامي رقم هوندي. ماسٽر ڪارڊ پاڪستان ۾ ايس ٽي زيڊ اي سان اسٽريٽجڪ ڊيجيٽل ڪنٽري حصيداري تي صحيحون ڪيون، معاهدي سان ملڪ جي ڊيجيٽل معيشت کي وڌائي سگهبو ۽ ٽيڪنالاجي جي جديد شعبي کي ترقي ڏئي سگهبي، ماسٽر ڪارڊ پاڪستان جو پهريون ڪيش ليس اسپيشل ٽيڪنالاجي زون تيار ڪندو.