اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪينسر بابت آگاهي ۽ جلد سڃاڻپ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن قدمن سان مرض جي خطرن کي گهٽ ڪ??ڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان ۾ ڪينسر جي مرض ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج جون مناسب سهولتون ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪينسر جي ڪيسن خاص طور تي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪينسر ??يئر اسپتال اينڊ ريسرچ سينيٽر لاهور جي چيئرمين پروفيسر ??اڪٽر شهريار، پروفيسر ??اڪٽر اريشه زم??ن ۽ پروفيسر ??اڪٽر نبيله شا??ي به موجود هيون. پروفيسر ??اڪٽر شهريار بريفنگ يندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هر سال 3 لک 53 هزار ماڻهو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هوندا آهن جنهن مان صرف 71 هزار مريضن جي علاج ميسر آهي جڏهن ته ٻين کي علاج جون ناڪافي سهولتن جي ڪري ان کان محروم رهندا آهن، هن ڪينسر ??يسر اسپتال اينڊ ريسرچ لاهور جي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي چيو ته ان جو ادارو مريضن جي بنا معاوضي علاج جون سهولتون فراهم ڪندو آهي، صدر ڪينسر ??يئر اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر لاهور پاران ڪينسر جي مريضن جي بنا معاوضي علاج جي سهولتن کي ساراهيو.