اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مستونگ روڊ ڪوئيٽا ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز سڄي ملڪ ۾ امن امان ق??ئم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ پنهنجي جانين جي قربانين کان ب?? نه ٿيون ڪٻائين. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪاررواين ۽ ڪڌن مقصدن ک?? ناڪام بڻائيندا رهنداسين. هن چيو ته هو ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي سيڪيورٽي جي جوانن جي بلند درجن ۽ گهرڀاتين جي صبر جميل ج?? لاءِ دعاگو آهي. هن چيو ته ٽي ٽي پي جي باقي رهيل دهشتگردن جو خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين.