اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. هنن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي ??نه??جي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو آهي ته 14 آگسٽ جو ڏينهن اسان کي ملڪ ??اص?? ڪرڻ لاءِ اسان جي بزرگن جي جدوجهد ۽ ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو. هنن چيو ته بزرگن جي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۽ هن ملڪ کي هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ اسان جي گڏيل ذميداري آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته 14 آگسٽ جو ڏينهن ان وچن کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته هن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين ۽ ??نه??جون سموريون توانايون پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خرچ ڪنداسين. هن چيو ته قومي سالميت ۽ ملڪي استحڪام لاءِ جمهوري اصولن تي ڪاربند هجڻ ۽ اجتماعيت جو جذبو پيدا ڪرڻ ضروري آهي. هن ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ قوم جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته قوم مستقبل ۾ به ان وبا کان بچاءُ لاءِ صحت کاتي پاران جاري ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪندي. هن موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي 10 بلين ٽري سونامي منصوبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان سدائين والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ انهن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ ڪندو رهندو. هن چيو ته والاريل ڪش??ير جي معصوم شهرين تي ڀارتي ظلم پوري دنيا جي ضمير جو امتحان آهي. هن چيو ته ڀارتي ظلم ۽ بربريت ڪش??يري عوام جي خودمختياري واري حق جي تحريڪ کي دٻائي نٿي سگهي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪش??يري عوام ڀارتي ڏاڍ کان آزاد ٿيندي ۽ ڪش??ير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. اسپيڪر چيو ته موجوده حڪومت باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي سماجي فلاحي رياست بڻائڻ جي ويزن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته عوام جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار حڪومتي پاليسين تي آهي ۽ موجوده حڪومت ملڪي ترقي ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ جامع پاليسيون جوڙي رهي آهي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته اهو ڏينهن اسان کي ??نه??جي بزرگن پاران هڪ ڌار ملڪ جي لاءِ ڏنل عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو جيڪي ??نن هڪ اهڙي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ لاءِ ڏنيون هيون جتي هر شهري کي برابر حق ??اص?? هجن ۽ اهي مڪمل آزادي سان ??نه??جي مذهبي عقيدن ۽ رسمن موجب زندگي گذاري سگهن. هن قائداعظم محمد علي جناح جي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي رهنما اصولن تي عملدرآمد جي ضرروت تي زور ڏيندي چيو ته اسان باباءِ قوم جي رهنما اصولن تي عملدرآمد ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي تي گامزن ڪري سگهون ٿا.