اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ وڏي ميڊيا وار درپيش آهي، سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه کي ڀارت ليڊ ڪري رهيو آهي، پي ٽي ايم رياست مخالف 150 ٽرينڊز هلايا، ملڪ دشمن عنصر پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه جي لاءِ سوشل ميڊيا جو وڌيڪ استعمال ڪن ??ا، (ن) ليگ جي ميڊيا ٽيم ۽ جي يو آءِ (ف) پڻ اسرائيل ٽرينڊز ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو، ان ??روپئگنڊه ۾ افغانستان جا به ڪجهه ماڻهو ملوث آهن، پاڪستان ۾ فرقيواراڻي نفرت ۽ لساني وڳوڙن جي ڪوشش ۾ به ٻاهرئين ??لڪ مان سوشل ميڊيا اڪائونٽس ملوث آهن، نور مقدم ڪيس کي بنياد بڻائي ڀارتي ٽي وي چينلز پاڪستان جي خلاف ڪيترن ئي ڪلاڪن جون ??ڊيوز اپ لوڊ ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وقعي تي وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن ??ارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان کي هڪ پلان تحت ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ۽ پاڪستان جي خلاف جعلي خبرون ??کيڙيون ??يون ??ڃن، ان کي اسان ??وري طرح بي نقاب ڪنداسين. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ڊيجيٽل ميڊيا ونگ هڪ تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي طريقي سان ??اڪستان جي خلاف سوشل ميڊيا کي خاص طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ وڏا ڪردار ڪير آهن. ان رپورٽ ۾ ٻن سالن جي ڊيٽا شامل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 2019ع کان ??ٺي آگسٽ 2021ع تائين ??اڪستان جي سوشل ميڊيا جو هڪ تفصيلي تجزيو ان رپورٽ ۾ موجود آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي خلاف وڏي سوشل ميڊيا ٽرينڊز کي ڀارت ليڊ ڪيو، ان ۾ پاڪستان جي اندر سڀ کان ??ڏو ڪردار پي ٽي ايم ۽ ان سان تعلق رکندڙ ورڪرز آهن، جن ??ندستان جي ان حوالي سان ??دد ڪئي. هن چيو ته انهن ????ينڊز ۾ افغانستان جي موجوده حڪومت جا ماڻهو به شامل آهن. پي ٽي ايم پاڪستان رياست جي خلاف ٻن سالن ۾ 150 ٽرينڊز ليڊ ڪيا، انهن ۾ رڳو 37 لک ٽوئيٽس ڪيا ويا. اهو اٽڪل ٽوئيٽس جو هڪ هزار ڪلاڪ بڻجي ٿو جيڪي پي ٽي ايم جي 150 ٽرينڊز تي ڪيا ويا. هن چيو ته دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پي ٽي ايم بلوچ عليحدگي پسند تحريڪ کي پڻ سپورٽ ڪيو، 14 آگسٽ 2020ع تي پي ٽي ايم بلوچستان ساليڊيريٽي ڊي جو هڪ ٽرينڊ هلايو، ان ????ينڊ تي هندستان ??ان ??ڪ ڏينهن ۾ ڏيڍ لک ٽوئيٽس ڪيا ويا، اهو ٽرينڊ شروع پي ٽي ايم ڪيو ۽ ان جي سپورٽ هندستان ڪئي. وڌيڪ ٽرينڊز به هلايا ويا، PTMExposeStateTerrorism# تي 23 هزار ٽوئيٽس ٿيا، DaSangaAzadiDa# تي 32 هزار ٽوئيٽس ٿيا، BalochistanSolidarityDay# تي هڪ لک 45 هزار ٽوئيٽس ٿيا، TyrantPakistanArmy# تي 34 هزار ٽوئيٽس ٿيا، ArmyBehindTargetkilling# تي 32 هزار ٽوئيٽس ٿيا، PakArmyKillsPashtun# تي 34 هزار ٽوئيٽس ٿيا. هن چيو ته پي ٽي ايم TRC4PashtunGenocide# جهڙا ٽرينڊز شروع ڪيا ۽ انهن کي سپورٽ هندستان کان ??لي رهي آهي. هن چيو ته ٻن ڏينهن کان ??ڪ ٽرينڊ SanctionPakistan# هلايو پيو وڃي، ان ????ينڊ تي پي ٽي ايم ٻيهر 20 هزار جي لڳ ڀڳ ٽوئيٽس ڪيا آهن. ان ۾ افغانستان جي نائب صدر امرالله صالح، نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر رحمت الله اندور ۽ ڊيفينس منسٽر جنرل بسم الله محمدي پڻ حصو وڌو. ان تي ڪل گڏائي 8 لک ٽوئيٽ ڪيا ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته هندستان ??ان ??يڪيپيڊيا جو ايڊمنسٽريٽر پي ٽي ايم جي ماڻهن جي لاءِ ڪمپين ڊيزائن به ڪري ٿو ۽ ان جي لاءِ ويڪيپيڊيا پيجز پڻ هلايا وڃن ??ا. هن چيو ته ان جو وڏو ثبوت اهو آهي ته اي يو ڊس انفوليب انڊين ڪرونيڪلز جي نالي سان ??نهنجي رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هندستان جون 845 ويب سائيٽس ٺاهيون ??يون آهن جيڪي رڳو پاڪستان جي خلاف ڊس انفارميشن ??کيڙين ??يون. انهن ??يب سائيٽس جو هندستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي اين آئي سان ??يجهو تعلق هو. اهي اي يو ڊس انفوليب جي سامهون آيون. هن ??ڌايو ته پاڪستان ۾ ڪريمه بلوچ تي هڪ ٽرينڊ StateKilledKarimabaloch# هلايو ويو. ڪريمه بلوچ ڪينيڊين شهري هئي. ڊسمبر 2020ع ۾ اها فوت ٿي، ڪئناڊا جي پوليس جاچ ڪئي ۽ ٻڌايو ته ان جي فوتگي ٻڏڻ سان ??ي، ان ۾ ڪو ٻيو رخ شامل نه هو پر پي ٽي ايم ان ????ينڊ تي هزارين ??وئيٽس ڪيا. اهڙي طريقي سان عثمان ڪاڪڙ جي موت برين ??يمرج سان ??ي، ان جي لاءِ 10 هزار کان ??ڌيڪ ٽوئيٽس ٿيا جن ??ان ??ه ڀاڱي ٽوئيٽس هندستان ??ان ڪيا ويا. هن چيو ته بلوچستان ۾ هڪ ٻار تي RapistArmyInBalochistan# جو ٽرينڊ هلايو ويو، ان ????ينڊ تي ڪجهه عنصرن انڊيا مان ۽ ڪجهه آمريڪا مان ??وئيٽس ڪيا. ان تي 10 هزار جي لڳ ڀڳ ٽوئيٽس ڪيا ويا، بدقسمتي سان ان ????ينڊ ۾ جي يو آءِ (ف) ۽ پي ٽي ايم جي ميڊيا ٽيم حصو ورتو جيڪو بنيادي طور تي اسرائيلي ٽرينڊ هو، اسرائيل پاڪستان جي اندر اهو ٽرينڊ ڏئي ڪنفيوزن ??يدا ڪرڻ چاهيندو هو. ان کانسواءِ اي اين ??ي RejectKillDumpPolicy# ٽرينڊ بلوچستان ۾ پنهنجي اسپوڪس پرسن اسد خان اچڪزئي جي لاءِ شروع ڪيو، ان ????ينڊ کي به هندستان ??ان سپورٽ ملي. بعد ۾ خبر پئي ته اي اين ??ي جي اسپوڪس پرسن اسد خان اچڪزئي جو قتل ڪار کسجڻ جي واردات ۾ ٿيو هو. هن ??ڌايو ته ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ جي ڪيترن ئي ٽوئيٽس کي هندستان ??ان سپورٽ ملي. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ جڏهن ??نهنجي ڪمپين شروع ڪئي ته چار لک ٽوئيٽس 15 ڪلاڪن جي اندر مليا، ان ۾ تمام وڏو حصو هندستان جو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نور مقدم ڪيس ڪرمنل ڪيس آهي، ان ۾ ڪارروائي مڪمل ٿي چڪي آهي، جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن ??ر سوشل ميڊيا تي هڪ مهم هلائي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته پاڪستان عورتن جي لاءِ محفوظ ملڪ نه آهي. هندستان جي هڪ چينل نور مقدم ڪيس تي سوين ??ڊيوز ٺاهيون. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ تمام وڏي ميڊيا وار درپيش آهي جنهن ۾ پاڪستان جي خلاف جعلي ميڊيا کي جعلي خبرن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪجهه اهڙا ٽرينڊز هلايا وڃن ??ا جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي حقيقت جي خبر ئي ناهي هوندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پيگاسس سپائي ويئر بابت ڪميٽي تي شروعاتي ڪم ٿي ويو آهي، حڪومت پاران ڪميٽي جي لاءِ آفيشلز نامزد ڪيا ويا آهن، نجي شعبي پاران ??الن جو انتظار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير هڪ سوال تي چيو ته پي ٽي آءِ حقيقي وفاق جي نمائنده سياسي پارٽي آهي جنهن کي سڄي ملڪ ۾ پزيرائي حاصل آهي، وزيراعظم عمران خان ??وري ملڪ ۾ مقبول ترين ??يڊر آهي، اسان کي پي ٽي ايم جي سياست سان ڪو مسئلو نه آهي، پي ٽي ايم جي اندر هڪ اهڙو ڌڙو آهي جيڪو ڀارتي ايجنڊا ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. افغانستان جي حوالي سان ??ڪ سوال تي هن چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ اٽڪل 2 هزار ارب ڊالر خرچ ڪيا پر افغانستان جي فوج ان ??ابل نه آهي ته اها طالبان جو مقابلو ڪري سگهي. هن چيو ته افغانستان جي سڄي ليڊرشپ ارب پتي آهي پر افغانستان جا ماڻهو غريب ترين آهن، ان جو انهن کي حساب ڏيڻ گهرجي.