اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ناڻي واري وف??قي وزير شوڪت ترين ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال خاص طور تي قبائ??ي ضلعن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ آبادگارن کي درپيش مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪنهن به صورت ۾ آبادگارن جو استحصال برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، انهن جي مفادن جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هن هدايت ڪئي ته تمباڪو جي آبادگارن کان تمباڪو جي خريداري ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪ??و وڃي ڇو ته فصلن جي وقت سر خريداري نه ٿيڻ جي ڪري آبادگارن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. اسپيڪر حڪومت جي قبائلي عوام ۽ غريبن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي قدمن کي ساراهيو. ناڻي واري وف??قي وزير شوڪت ترين چيو ته اڳوڻي فاٽا جي سمورن ضلعن جي ترقي ۽ اتان جي عوام جون محروميون ختم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قبائ??ي ضلعن ۾ معاشي سرگرميون شروع ٿيڻ سان روزگار ملندو. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام سان قبائلي نوجوانن کي روزگار ڏينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته اڳوڻي فاٽا جو ترقياتي پئڪيج چونڊيل قبائلي قيادت ۽ عوام جي مشاورت سان اڳتي وڌا??و ويندو، ڪامياب جوان پروگرام ذريعي قبائ??ي ضلعن جي نوجوانن کي قرض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجو روزگار شروع ڪري سگهن ۽ معاشي لحاظ کان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. اسپيڪر چيو ته نئين ضلعن ۾ صحت انصاف ڪارڊ جاري ڪرڻ قبائلي عوام جي لاءِ حڪومت جو تمام وڏو تحفو آهي.