اسلام آباد – 21 ج??ن (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير جي تڪرار جي ڪري ڏکڻ ايشيا هڪ ارب 40 ڪروڙ عوام يرغمال بڻيل آهي، آمريڪا جيڪڏهن عزم ۽ ارادو ڪري وٺي ته اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، اولهه ڀارتي فوج جي هٿان هزارين ڪشميرين جي شهادت جي باوجود والاريل ڪشمير ۾ ظلمن کي نظرانداز ڪري رهيو آهي، 8 لک ڀارتي فوج والاريل ڪشمير کي 90 لک ڪشميري عوام جي لاءِ جيل بڻائي ريو آهي، اسلامو فوبيا جو وڏو سبب اسلامي دنيا ۽ اولهه معاش??ن جي وچ ۾ رابطن جي کوٽ آهي، پاڪستان ۾ ڪورونا جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون بهترين فيصلو هو. هن اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن آمريڪي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ايزي ا??س آن ايڇ بي ا?? کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو.