اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزير??عظ?? پاڪستان جو عوامي شڪايتن جي بهتر حل جو مشن جاري آهي. پنجاب پوليس جي اعليٰ آفيس??ن جي لاءِ پاڪستان سٽيزن پورٽل بابت ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران جاري خط ۾ آءِ جي پنجاب، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ڊي پي اوز کي ذاتي طور تي ٽريننگ ۾ شرڪت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ورڪشاپ ۾ سمورن اعليٰ آفيسرن کي وڊيو لنڪ ذريعي شڪايتن جي حل تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. برينگ وزير??عظ?? جي آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران ڏني ويندي. ورڪشاپ ۾ اعليٰ آفيس??ن جي سدطح تي عوامي شڪايتن جي صحيح ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاليسي سازي تي بريفنگ ڏني ويندي. پنجاب پوليس کانپوءِ باقي صوبن جي اعليٰ پوليس آفيسرن کي پڻ سکيا ڏني ويندي. واضح رهي ته ??ءِ جي پنجاب جي آفيس پاران تفصيلي آڊٽ ٿيڻ کانپوءِ لاڳاپيل آفيس??ن جو ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سکيا هن ئي هفتي منعقد ڪئي ويندي.