اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊي ايٽ ملڪن کي اقتصادي، سماجي، صحت ۽ ٻين چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ترقي يافته ۽ اسرندڙ معيشتن طرفان عزم ۽ مالي وسيلن کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊي ايٽ سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪووڊ – 19 وبائي مرض سبب 29 لک کان وڌيڪ م??ڻهو فوت، اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ م??ڻهو بيروزگار ٿي ويا ۽ عالمي معاشي بحران جي نتيجي ۾ کربين ڊالر جو نقصان ٿيو، خاص طور ان وائرس غريب ملڪن ۽ انهن جي غريب طبقن کي س??ت نقصان جي ور چاڙهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ امير ۽ غريب ملڪن ۽ انهن ملڪن جي اندر اڻبرابري ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ ملڪن جي ماڻهن کي نه رڳو موذي وائرس پر بک کان بچڻ جا چئلينج سامهون آهن، هن چيو ته اڄ دنيا نوجوانن جي سڀ کان وڏي تعادد تي فخر ڪري ٿي، وبائي مرض پکڙڻ کان اڳ سڄي دنيا ۾ نوجوانن جو پنجون حصو بيروزگار هو ۽ 21 هين صدي جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ کين تعليم ۽ هنر تائين پهچ نه آهي. وزيراعظم چيو ته ڊي ايٽ ملڪن ۾ 550 ملين جي آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، اسان جي نوجوانن ۾نه رڳو موقعن مان فائدو کڻڻ جي صلاحيت آهي پر گڏيل چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهن ٿا. اسان کي نوجوانن لاءِ نوان مو??عا پيدا ڪرڻا پوندا، ان لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعما??، انوويشن جو فروغ، نوجوانن جي تعليم، هنر ۽ تربيت ۾ سيڙپڪاري انتهائي اڻٽر آهي. پاڪستان ۾ اسان ڪامياب جوان، هنر مند پاڪستان، يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم، اور ڊجيٽل پاڪستان جهڙن پروگرامن جي ذريعي انهن قدمن تي عمل پيرا آهيون. وزيراعظم چيو ته موجوده دور ۾ تبديلي جي رفتار تيز ٿي چڪي آهي، انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي بريڪ ٿروزڪل جي س??ئنس فڪشن کي تيزي س??ن اڄ جي حقيقت ۾ تبديل ڪري رهي آهي، پنج سال اڳ ورلڊ اڪنامڪ فورم اڳڪٿي ڪئي هئي ته چوٿون صنعتي انقلاب ”اسان جي رهڻ، ڪم ڪرڻ ۽ هڪٻئي س??ن لاڳاپيل رهڻ جي انداز کي بنيادي طور تي بدلائي ڇڏيندو“ اڄ اسان ان انقلاب جي آمد کي محسوس ڪري رهيا آهيون.