اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ بلوچستان ??ان نئين چونڊيل سينيٽر محمد عبدالقادر ، پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان ??ان بلوچستان عوامي پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي گڏيل حمايت يافته ۽ آزاد حيثيت ۾ نئين چونڊيل سينيٽر محمد عبدالقادر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ ۽ سيف الله نيازي به موجود هئا. ان موقعي تي محمد عبدالقادر پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.