اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 519 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 64 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 61 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وين??يل??ٽرز تي ڪو??ڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 21 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو، پشاور 16 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 39 سيڪڙو، اسلام آباد 26 ۾ سيڪڙو، گجرات ۾ 94 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 25 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??يڊ – 19 جا 40 هزار 473 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 52، پنجاب ۾ 16 هزار 875، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 857، اسلام آباد ۾ 5 هزار 766، بلوچستان ۾ 771، گلگت بلتستان ۾ 392، آ??اد ڪشمير ۾ 760 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 55 هزار 242 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آ??اد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو??يڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وين??يل??ٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وين??يل??ٽرز تي ڪو??يڊ 19 جا 211 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 17 هزار 117 آهي. سڄي ملڪ ?? ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 85 هزار 435 آهي.