عاشق حسين ساند
حيدرآباد – 20 فيبروري (اي پي پي) صنعتي شعبو ڪنهن ??ه ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار جو حامل هئڻ سميت روزگار فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پاڪستان جي صنعتي شعبي ۾ ٻين صنعتن سان گڏ ٽيڪسٽائل ۽ ڪپڙي ٺاهڻ جي صنعت پڻ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي جيڪا قومي معيشيت جي مضبوطي ۽ روزگار فراهم ڪرڻ جو اهم ذريعو بڻيل آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار ۾ اچڻ بعد ٽيڪسٽائل جي شعبي تي خاص طور تي ننڍين صنعتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هاڪاري قدم کنيا آهن ??نهن ??ا حوصلائتا نتيجا پڻ ملي رهيا آهن.
سنڌ صوبي جي سانگهڙ ضلعي کي ٽيڪسٽائل خاص طور تي پاور لومز جي حوالي سان وڏي اهميت حاصل آهي. سانگهڙ ضلعو بهترين معيار ۽ گهڻي مقدار ۾ ڦٽي پيداوار ڏيندڙ ملڪ جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي ان ضلعي جي اهم شهر ٽنڊو آدم ۾ پاور لومز گهريلو صنعت گذريل 50 سالن کان قائم آهي ۽ هزارين پورهيت ان صنعت سان واڳيل آهن ??نهن ??ان نه رڳو انهن کي پنهنجي پيرن تي ب??هڻ ۾ مدد ملي رهي پر ان سان گڏ ملڪ کي قيمتي پرڏيهي ناڻو پڻ حاصل ٿي رهيو آهي
پاڪستان سمال يونٽس پاور لومز ايسوسيئيشن جي زونل سيڪريٽري محمد صابر انصاري ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان طرفان ننڍين صنعتن کي هٿي ڏيارڻ وارن قدمن سان ننڍين صنعتن جي شعبي ۾ بهتري ايندي، لاڪ ڊائون دوران بجلي جي ب??ن جي مد ۾ 3 مهينا رعايت سان بکون ڪاٽڻ کان بچي وياسين ۽ پنهنجي پيرن تي ب??هي سگهياسين. هن چيو ته ڪپڙو ٺاهڻ واري صنعت ۽ ٽيڪسٽائل جو شعبو ملڪي معيشيت ۾ سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سانگهڙ ضلعي جي شهر ٽنڊوآدم ۾ 500 کان وڌيڪ پاور لومز جا ننڍا وڏا يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن ??ن ۾ 7000 جي لڳ ڀڳ ڪپڙي ٺاهڻ جو مشينون لومون هلندڙ آهن ??ن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ پورهيت ڊيلي ويجز بنيادن تي ڪم ڪن ٿا ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪن ٿا،
هن ٻڌايو ته دنيا جي ٻين ملڪن مان گهرايل داڳو ڪراچي پهچڻ بعد اسان خريد ڪندا آهيون ۽ هتي صرف انهن مشينن ذريعي پولسٽر، اسٽيپل، جارجهٽ، کاڌي، ڪاٽن، سائزنگ ۽ مڇر دانين سميت ٻين مختلف قسمن جو ماهوار 2 ڪروڙ ميٽر ڪچو ڪپڙو تيار ڪيو وڃ?? ٿو ۽ اهو ڪپڙو ڪراچي ۽ حيدرآباد اماڻيو وڃ?? ٿو جتي ان جي فنشنگ بعد اهو ڪپڙو، آمريڪا، برطانيه، جرمني، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن ??ماڻيو وڃ?? ٿو جنهن ??ان قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمايو وڃ?? ٿو. جڏهن ??ه انهن ??مورن يونٽس تي بجلي جي مد ۾ ڪابه رهت ناهي ۽ ماهور لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ رپين جا بل وقت تي حيسڪو کي ادا ڪيا وڃ?? ٿا. لاڪ ڊائون دوران بجلي جي ب??ن جي مد ۾ 3 مهينا رعايت واري عمل تي وزيراعظم پاڪستان سميت وفاقي حڪومت جي واکاڻ ڪندي هن چيو ته اهڙي عمل سان هو بکون ڪاٽڻ کان بچي ويا ۽ پنهنجي پيرن تي ب??هي سگهيا نه تي هو زبون حالي جو شڪار ٿي وڃ?? هان. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن ننڍين صنعتن ڏانهن ڏيان نه ڏنو جنهن ??بب اهي صنعتون ڪا جوڳي ترقي نه ڪري سگهيون پر موجوده حڪومت جي هاڪاري قدمن سبب ان شعبي ۾ ترقي ٿيندي ۽ ملڪي معيشيت مضبوط ٿيندي. هن چيو ته صنعتي شعبو ڪنهن ??ه ملڪ مان بيروزگاري جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو اهڙي ريت پاور لومز جو شعبو پڻ ملڪ اندر روزگار فراهم ڪرڻ سميت ملڪي معيشيت جي مضبوطي جو سبب بڻيل آهي.
هن ٻڌايو ته ٽنڊوآدم ۾ پاور لومز جو شعبو گذريل 50 سالن کان 10 هزار ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري رهيو آهي ڪپڙي جي صنعت ٽنڊوآدم جي سڀ کان وڏي صنعت آهي جنهن ??ي هجڻ سان ٽنڊوآدم شهر ۾ بيروزگاري ناهي. هن مطالبو ڪيو ته پورا بل پيارڻ کي نظر ۾ رکندي سندن فيڊر کي لوڊ شيڊنگ فري قرار ڏنو وڃ?? ۽ داڳي جي گهٽتائي سبب مليل آرڊر پورا نه ٿي رهيا آهن ??ن معاملي ڏانهن ??ه خاص ڏيان ڏنو وڃ?? ۽ مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ جوڳي ڇوٽ ڏني وڃ?? ته جيئن هو ملڪي معيشيت جي واڌاري ۽ ملڪي ترقي ۾ اڃا به وڌيڪ ڪردار ادا ڪري سگهن.
پاور لومز مالڪن ٻڌايو ته اسان جي شهر ۾ ننڍي وڏي پيماني تي هلندڙ اها صنعت وڏي انگ ۾ افرادي سگهه جو سهارو بڻيل آهي ۽ ان سان ڳنڍيل ٻيا به ڪيترائي شعبا ڦن ترقي ڪري رهيا آهن ??ن حوالي سان پاور لوم مالڪ ساجد انصاري ٻڌايو ته اسان جي شهر ۾ پاور لومز جي شعبي ۾ هزارن جي انگ ۾ پورهيت ڪم ڪري رهيا آهن ??نهن ??ان انهن ??ي گهر جون چلهيون ٻري رهيون آهن. پاور لومز ۾ تيار ٿيندڙ ڪپڙو ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڃ?? ٿو ۽ تيار ٿيڻ ان جو روانگي واپار پڻ ڪيو وڃ?? ٿو هن ٻڌايو ته پاور لومز ۾ جهار جهٽ، پوليسٽر، ململ، اسٽيپل، کاڌي ۽ ٻين مختلف قسمن جو ڪپڙو تيار ڪيو وڃ?? ٿو جنهن ??ي عوام ۾ تمام گهڻي گهرج رهي ٿي.
ان حوالي سان هڪ ٻئي مالڪ شڪيل احمد انصاري ٻڌايو ته اسان جي علائقي ۾ هزارن جي انگ ۾ ننڍيون وڏيون پاور لومز لڳل آهن ??يڪو هزارين ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو بڻيل آهي ۽ ان سان ٻين شعبن ۾ پڻ ڪم ڪرڻ جا موقعا وڌي رهيا آهن. گڏهه گاڏين، ريڙهي گاڏين، ٽرڪن ۽ ڊاٽسن سميت ٻئي ٽرانسپورٽ پڻ ان شعبي سبب پنهنجو روزگار ڪري رهي آهي.
هوڏانهن پاور لومز ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جو چوڻ آهي ته سندن ڪٽنب جي سمورين گهرجن کي پورو ڪرڻ سميت هن ??نعت سبب سندس گهر جو چلهو ٻري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته هو ڏهاڙي تي ڪم ڪن ٿا ۽ کين 12 ڪلاڪن جي ڊيوٽي ڪرڻ تي 500 رپين کان 700 رپيا اجورو ملي ٿو. هنن جو چوڻ هو ته بي شڪ اها اجرت گهٽ آهي جنهن ??بب بهتر صحت، بهتر تعليم سميت ٻين سهولتن جي حوالي سان مشڪلاتون درپيش آهن ??ن ڏانهن لاڳپيل ادارن کي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي
پر تنهن هوندي ب?? اها ڳالهه فخر سان چئي سگهجي ٿي ته ٽنڊوآدم سميت صوبي جي ٻين علائقن ۾ قائم پاورلومز جي صنعت نه رڳو روزگار جي فراهمي جو وڏي ذريعو آهي پر ان سان گڏو گڏ ملڪي معيشيت کي هٿي ڏيڻ ۾ پڻ اهم وسيلو بڻيل آهي.