اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ميڪسيڪو سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ??ي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو، حڪومت سمورن ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ميڪسيڪو ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر امان رشيد سان ايوان صدر ?? ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدرعارف علوي چيو ته نامزد سفير ميڪسيڪو سان واپار، سيڙپڪاري، ث??افت، سياحت ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري، پاڪستان ميڪسيڪو سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ??ي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو، هن چيو ته حڪومت سمورن ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ميڪسيڪو سان گڏيل واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت آهي.