اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص معاون بئريسٽر شهزاد اڪبر چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ خواجه آصف پنهنجي قانوني آمدني جي ذريعن بابت ٻڌائڻ ۽ نيب کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اهڙو اظهار هن وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن بابت خاص معاون عثمان ڊ??ر سان گڏ پريس ڪانفر??س دوران ڪيو. هن چيو ته خواجه آصف شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار جي طريقيڪار تي عمل ڪندي لٽ مار ڪئي. اڳوڻي وفاقي وزير مسلم ليگ (ن)جي حڪومتي دور ۾ ملڪ جي مخ??لف شهرن ۾ اثاثه ٺاهيا.