اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان ذخيره اندوزي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ايڪشن جي هدايت ڪندي چي?? آهي ته ضرورت جي بنيادي شين جي دستيابي ۽ قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي لاءِ سمورن انتظامي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. هو ضرورت جي بنيادي شين خاص طور تي ڪڻ?? ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي سان جا??زه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.