اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ سڀئي صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، موجوده حڪومت صحافت جي آزاد?? تي يقين رکي ٿي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، عالمي ب??ادري جي خاموشي اسان کي ترغيب ڏي ٿي ته ڪشميرين جي لاءِ جيڪو به ڪرڻو آهي اهو اسان کي ڪرڻو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو وڪيل ۽ سفير بڻجي عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي کي بهترين انداز ۾ اجاگر ڪي?? آهي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.