ڪراچي – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر ۽ چيف اسڪائوٽ پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسڪائوٽس ٻارن کي روايتي مهارتون سيکارڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي کان به روشناس ڪرايو وڃي، ??سڪولز جي ٻارن سان گڏ مدرسن جي ٻارن کي به شامل ڪريو، اسڪائوٽس ايندڙ سال جي لاءِ هدفن ۾ اسڪائوٽ جي ت??داد ۾ وڌيڪ اضافي، ??سڪائوٽنگ وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ادارن ۽ نيون مهارتون سيکارڻ به شامل ڪريو، ملڪ ۾ هڪجهڙي ت??ليمي نظام تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ??سڪائوٽس ايسوسيئيشن کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن کي حل ڪرڻ ۾ هر ممڪن مدد ۽ تعاون ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن سنڌ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي صوبائي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي 75 هين قومي ڪائونسل جي اجلاس جي دوران ڳالهائيندي ۽ ان کانپوءِ خطاب ڪندي ڪيو.