مظفرآباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو. ان دوران هن وزيراعظم هائوس آزاد ڪشمير جو دورو پڻ ڪيو. وزيراعظم جو قومي سلامتي وارو خاص معاون معيد يوسف پڻ پرڏيهي وزير سان ??ڏ هو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي وزيراعظم هائوس ۾ آجيان ??ئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ 5 آگسٽ تي استحصال جي ڏهاڙي جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن ??هڙيءَ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ??ڏ ب??ٺل آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جي مسلسل ڏاڍ ۽ دٻاءُ باوجود 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کي سمورا ڪشميري رد ڪري چڪا آهن. مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين. وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته معصوم ڪشميري دنيا جي چوٿين وڏي فوجي قوت جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهن، پاڪستاني قوم پاران ??شميرين سان يڪجهتي جي بي مثال مظاهري تي انهن ??ي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪستان ??شميرين جو سڄي دنيا ۾ واحد وڪيل آهي.