اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪس انتظاميه جي بدانتطامي جي خلاف تسلي بخش ڪارروائي ڪرڻ تي وفاقي ٽيڪس محتسب جي ڪوششن کي ساراهيو. ٽيڪس بار شڪايت ڪندڙن جي لاءِ سهولتن جي بهت??ي جي وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ ٽيڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا طرفان سال 2019ع جي سالياني رپورٽ پيش ڪرڻ جي تقريب دوران ڪيو. وفاقي ٽيڪس محتسب جي ٽيڪس ??ين??ڙن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ بنا معاوضي جي خدمتن، انهن کي باخبر رکڻ لاءِ روايتي ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي ڀرپور استعمال، ٽيڪس محتسب جي ٽيڪس ??ين??ڙن جي سهولت لاءِ آن لائين شڪايت پورٽل جو قيام ۽ ٽيڪس محتسب آفيس کي ڊجي??ل بڻائڻ تي صدر اطمينان جو اظهار ??يو ۽ انهن سهولتن جي بهتري لاءِ وڌيڪ قدمن تي زور ڏنو.