اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي ج?? اسپ??ڪر اسد قيصر انب جي ايڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان گهرو وزارت جي غير تسلي بخش جواب تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزارت کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر اهو مسئلو حل ڪري کيس رپور?? پيش ڪئي وڃي. قوم?? اسيمبلي ج?? اسپ??ڪر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير سميت مخالف ڌر جا ميمبر به شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ بارڊر تي انب ايڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. اسپ??ڪر چيو ته انب جي روانگي واپار تي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گهرو وزارت جو جواب تسلي بخش نه آهي، اسپ??ڪر ان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن ۾ مسئلن کي حل ڪري جواب ڏنو وڃي، اسپ??ڪر چيو ته انب جي روانگي واپار لاءِ وقت سر فيصلو نه ڪيو ويو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو، گذريل 6 سالن کان پاڪستان جو روانگي واپار گهٽ ٿي رهيو آهي، ايڪسپورٽرز چيو ته حڪومت اسان سان تعاون ڪري، اسان کي انب ٻاهر موڪلڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، اسان پوري دنيا ۾ انب ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهيون، پي آءِ اي جي ذريعي انب جي ايڪسپورٽ وڌائڻ جي لاءِ اگهن ۾ رعايت ڏيڻ جي ضرورت آهي.