اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يدالفطر جي خوشي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آئون الله تعاليٰ کان دعاگو آهيان ته هو اس??ن جي عبادتن کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي، هي ڏينهن جتي پنهنجن ??ان ايثار ۽ محبت جو ڏينهن آهي اتي ضرورتمندن ۽ مستحق ماڻهن جي دل کٽڻ ۽ انهن کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ جو به ڏينهن آهي، پاڪستاني قوم کي ڪورون?? وبا جي نازڪ صورتحال جو مقابلو ڪرڻ جي اتحاد ۽ احتياط تي عمل ڪرڻو پوندو. عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي ??يغ??م ۾ صدر چيو ته عيدالفطر جو ڏينهن مسلمانن جي لاءِ رڳو هڪ تهوار کان وڌيڪ ان محنت، رياضت، صبر ۽ همدردي جو انعام آهي جيڪو رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ انجام ڏنو وڃي ٿو.