اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته غريب ۽ ??ٺت?? پيل طبقي جي بحالي وزيراعظم جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان مشڪل دور مان گذري رهيو آهي ۽ هي وقت نڪري ويندو. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ اخبار وڪرو ڪندڙن ۾ پاڪستان بيت المال ۽ اپيل پاڪستان جي اهتمام هيٺ راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ به ڪورونا وب?? انهي شدت سان آئي آهي پر الله جو شڪر آ??ي ايترو نقصان نه ٿيو جيترو ٻين ملڪن ۾ ٿيو.