اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي ??ي ??ي) وز??راعظم عمران خان وفاقي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته بهتر ط??ز حڪومت (گڊ گورننس)، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پنهنجون توانايون ۽ تجربو استعمال ۾ آڻين، سياسي قيادت ۽ بيوروڪريسي کي ملڪ جي مستقبل جو تعين ڪرڻو آهي ان جي لاءِ نئين سوچ ۽ بهتر ط??ز حڪومت (گڊ گورننس) جي ضرورت آهي. وز??راعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان تازو ئي ترقي ماڻيندڙ وفاقي سيڪريٽرين ملاقات ڪئي. وز??راعظم عمران خان ترقي ماڻيندڙ آفيسرن ??ي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ترقي سندن ڪارڪردگي ۽ نج ميرٽ کي نظر ۾ رکي ڪئي وئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ترقي ماڻيندڙ آفيسر پنهنجون ذميواريون انتهائي فرض شناسي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي ڀرپور جذبي تحت ادا ڪندا.