اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ميڊيا ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان موثر ۽ فعال ڪردار ??دا ڪيو آهي، پاڪستان انفارميشن سينٽر قائم ڪرڻ جو مقصد سڄي ملڪ جي صحاف??ن کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي خصوصي قدم، پاڪستان انفارميشن سينٽرز جي اهتمام هيٺ انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ”خبرن جي صداقت، جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپئگنڊه جي تدارڪ“ جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مختلف شهرن ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سان واڳيل صحاف??ن کي صحافت ۾ جديد رجحانن ۽ درپيش چئلينجز جي حوالي سان مختلف موضوعن تي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، پاڪستان انفارميشن سينٽر قائم ڪرڻ جو مقصد سڄي ملڪ جي صحاف??ن کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان ورڪشاپ جو مقصد ميڊيا جي نمائندن کي رياست جي مفادن بابت آگھاهي ۽ موقف فراهم ڪرڻ آهي ڇو ته موجوده دور ۾ خبرن جي صداقت ۽ جعلي خبرون وڏ?? چئلينج آهي. هن چيو ته ميڊا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي ۽ ان جو ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ??هي. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته سڄي ملڪ ۾ اسلام آباد سميت 7 مرڪزن ۾ صحافين جي لاءِ پاڪستان انفارميشن سينٽرز ۾ تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ پاڪستان انفارميشن سينٽرز جي ڊائريڪٽر محمد صغير احمد پاڪستان انفارميشن سينٽرز جي اهتمام هيٺ جاري ورڪشاپس ۽ پي آئي سي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران مختلف موضوعن تي سڄي ملڪ ۾ 16 تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا ويا هئا جن ۾ 700 کان وڌيڪ صحاف??ن کي تربيت فراهم ڪئي وئي. پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران هلندڙ مهيني 7 شهرن ۾ اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا پيا وڃن.