اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پا??يسي 26 -2022ع ج?? منظوري کي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن ک?? منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، قومي سلامتي پا??يسي تي موثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت ??مل?? اختيار ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي، دفاع، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن جي وفاقي ويرن ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، قومي سلامتي وارن صلاحڪارن ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پا??يسي 26 -2022ع ج?? منظوري ڏني، وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو تحفظ شهرين جي تحفظ سان جڙيل آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن ک?? منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، وزيراعظم ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پا??يسي جي تياري ۽ منظوري کي هڪ تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو ته قومي سلامتي ڊويزن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن هدايت ڪئي ته پا??يسي موثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت ??مل?? اختيار ڪن، هن قومي سلامتي جي صلاحڪار کي پا??يسي تي عملدرآدمد لاءِ ماهوار رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، قومي سلامتي مشير اجلاس کي پا??يسي جي مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته قومي سلامتي پا??يسي هڪ جامع قومي سيڪيورٽي فريم ورڪ تحت ملڪ جي شهرين جي تحفظ، سيڪيورٽي ۽ وقار يقيني بڻائيندي، شهرين جي تحفظ جي خاطر پا??يسي جو محور معاشي سيڪيورٽي هوندو، معاشي تحفظ ئي شهرين جي تحفظ جو ضامن بڻجندو. هن ٻڌايو ته پا??يسي سازي دوران سمورن وفاقي ادارن، صوبائي حڪومتن، ماهرن ۽ پرائيويٽ سيڪٽر سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، پا??يسي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، قومي سلامتي ڪميٽي کان منظوري کانپوءِ پا??يسي وفاقي ڪابينا جي سامهون پيش ڪئي ويندي.