اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 50 ماڻهو فوت ٿي ويا، 3344 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3344 ڪورونا جا نوان ڪ??سز رجسٽرڊ ٿيا. سڄي ملڪ ۾ هيستائين هڪ لک 31 هزار 649 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مريضن جي لاءِ 1525 وي??ٽي ليٽرز رکيا ويا آهن جن مان 459 وي??ٽي ليٽرز استعمال ٿي رهيا آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ 2 لک 31 هزار 808 تصديق ٿيل ڪ??سز آهن جن ۾ آزاد ڪشم??ر جا 1342، بلوچستان جا 10 هزار 814، گلگت بلتستان جا 1561، اسلام آباد جا 13 هزار 494، خيبرپختونخواهه جا 28 هزار 116، ??نجاب جا 81 هزار 963 ۽ سنڌ جا 94 هزار 528 ڪ??سز شامل آهن.