ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻو آهي، بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، ص??بي ۾ پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رف??ار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي ??زي?? احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مولانا واسع، نوابزاده شاهه زين بگٽي، اسرار ترين، بلوچستان جو وقتي گورنر جان محمد جمالي، بلوچستان جو وڏو ??زي?? مير عبدالقدوس بزنجو، ص??بائي ??زي?? ۽ صوبائي ??سيمبلي ميمبرن جو وڏو انگ موجود هو. ??زي??اعظم چيو ته پنهنجي واعدي موجب حڪومت ٺهڻ جي ٻن هفتن دوران ئي ??وهان جي خدمت حاضر ٿيو آهيان، الله تعاليٰ بلوچستان کي بي حساب قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي. هن چيو ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سکڻو آهي، بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، جڏهن پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هئي ??ه اسان اين ايف سي ۾ بلوچستان جي لاءِ 11 ارب پنجاب جي حصي مان ڏنا. هن چيو ته هڪ ملڪ هڪ ڪٽنب وانگر هوندو آهي، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رف??ار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي، تاريخ گواهه آهي، بلوچستان جي ماڻهن جون ملڪ جي لاءِ عظيم قربانيون آهن. هن چيو ته بلوچستان جي پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، الله تعاليٰ اسان کي هي ملڪ محنت ڪرڻ جي لاءِ ڏنو آهي. ??زي??اعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي جي لاءِ مون کي توهان سڀني جو تعاون به گهربل آهي، اسان سڀني کي گڏجي بلوچستان جي ترقي يقيني بڻائڻي آهي.