اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو افتتاحي سيشن پارليامينٽ هائوس ۾ شروع ٿيو جنهن جو موضوع اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري آهي. افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير، غيرملڪي مهمان، نمائندا، پارليامينٽ ميمبر ۽ ميڊيا جا نمائندا پهتا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙ نمائندن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم عمران خان پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ قومي اسيمبلي جي هال ۾ پهتو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه، چيني پ??ڏيهي وزير وانگ يي، سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن سعود السعود، اسلامي ترقياتي بئنڪ جو صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر ۽ او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 47 هين اجلاس جي لاءِ چيئرمين نائجيريا جو حسومي مسعود پڻ اسٽيج تي وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. افتتاحي سيشن جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن ۾ مسلمانن جي صفن ۾ ات??اد ۽ الله تعاليٰ تي پڪو يقين رکڻ جي لاءِ الله تعاليٰ جي حڪمن تي روشني وڌي وئي. سيشن شروع ٿيندي ئي پ??ڪستان جو قومي ترانو وڄايو ويو. جڏهن ته ڪانفرنس ۾ مسلمان امت جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ڏهاڪن جي ڊگهي جد??جه?? تي ٻڌل او آءِ سي جي سفر جي مختصر وڊيو ڏيکاري وئي. جمهوريه نائجيريا جي پ??ڏيهي وزير ۽ او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 47 هين اجلاس جي چيئرمين حسومي مسعودو پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ انتهاپسندي ۽ اسلامو فوبيا جي شڪل ۾ امت کي درپيش چئلينجن تي سيمينارز ۽ ويبنارز منعقد ڪرڻ تي روشني وڌي. پنهنجي تقرير جي پڄاڻي کانپوءِ هن پاڪستان جي پ??ڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي 48 هين اجلاس جي صدارت باضابطا طور تي ڏيڻ جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير پنهنجي تقرير ۾ ميمبر ملڪن جي ات??اد جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي عرب جي پ??ڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي ۽ او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي صدارت سنڀالڻ تي پ??ڪستان کي مبارڪباد ڏني. سعودي پ??ڏيهي افغانستان ۾ امن جي لاءِ ۽ افغانستان ۾ المناڪ انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي ڪردار تي روشني وڌي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه چيو ته يوڪرين ۽ روس جي بحران سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي معيشت تي سنگين اثر پئجي سگهن ٿا جيڪي دنيا جي آ??اد?? جو 28 سيڪڙو آهي. ڪانفرنس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو هڪ وڊيو پيغام هلايو ويو جنهن ۾ هن مسلمان دنيا تي امن ۽ انسانيت جي ترقي لاءِ ات??اد ۽ هم اهنگي کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. قازقستان جي پ??ڏيهي وزير علائقائي گروپن پاران بيان ڏنو. تيونس جي پ??ڏيهي وزير عثمان جيراندي عرب گروپ پاران هڪ لڳي 6 منٽن تي پنهنجي تقرير شروع ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي گڏيل دشمن آهن، جيڪي مسلمان ملڪن کي عدم استحڪام جو شڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ ۽ پرامن رهڻ جي منصفاڻي مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.